Loading...
Search Apps.
ڏاهپ ڀَريا ڏَسَ

ڏاهپ ڀَريا ڏَسَ

امام رضا عليه السلام جون چاليهه انمول حديثون سنڌي ۽ عربي آواز سان گڏ
5
|
9,976 Installs
|

ڏاهپ ڀَريا ڏَسَ Screenshots

Post a Review / Comment.

ڏاهپ ڀَريا ڏَسَ Description

امام رضا عليه السلام جون چاليھ حديثون
چاليھ حديثن کي ياد ڪرڻ جي تمام گهڻي فضيلت بيان ڪئي وئي. حديث ۾ وارد ٿيو آهي ته جيڪو به چاليھ حديثون ياد ڪندو الله سائين ان کي قيامت جي ڏينهن فقيھ (فقه جي عالم) جي روپ ۾ اٿاريندو.چاليھ حديثن کي ياد ڪرڻ جي انهيءَ اهميت ۽ فضيلت ۾ رکندي ڪيترن ئي عالمن ۽ فاضلن چاليھ حديثن تي ڪيترائي انمول ۽ مفيد ڪتاب لکيا آهن.
اسان به انهيءَ اهميت کي نظر ۾ رکندي، ثواب ماڻڻ ۽ مومنن تائين اهل بيت عليهم السلام جون نوراني حديثون ۽ سندن حيات بخش تعليمات کي پهچائڻ لاءِ هي ايپليڪيشن بڻائي آهي. اميد ڪجي ٿي ته مومن ان مان لاڀ پرائيندا ۽ الله سائين ان جي ثواب کي ايپليڪيشن بڻائڻ وارن لاءِ آخرت جو ذخيرو قرار ڏيندو.
هن ايپليڪيشن جون اهم خصوصيتون
1. امام علي رضا عليه السلام جون معرفت ڀريون نوراني چاليھ حديثون
2. سڀني حديثن کي معتبر حوالن سان ذڪر ڪيو ويو آهي.
3. مومن جي سهولت خاطر متن سان گڏ هر حديث جو عربي ۽ سنڌي آواز به شامل ڪيو ويو آهي.
4. مولا امام رضا عليه السلام جي مخصوص صلوات کي به شامل ڪيو ويو آهي.
5. بيگ گرائونڊ آواز طور صلوات رکي وئي آهي جيئن مطالعي سان گڏ اهو ثواب به حاصل ڪري سگهجي.
6. بهترين گرافڪس ۽ دلڪش سنڌي فونٽ

Trending Categories

Connect with us